سنڌ حڪومت پاران منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاران منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.
ڪراچي ۾ ايڪسائيز پوليس ڪامياب آپريشن ۾ 2 جوابدار گرفتار ڪيا آهن جن وٽان 2 ڪلو 40 گرام آئس هٿ ڪئي وئي.
ايڪسائيز ٽيم ڪورنگي سيڪٽر 16 ۾ ڪارروائي ڪري ٻن منشيات فروش شوڪت ۽ نويد کي گرفتار ڪري ورتو جن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.
ڪامياب آپريشن تي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايڪسائيز ٽيم کي مبارڪباد ڏني آهي.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسان پنهنجي نئين نسل کي منشيات فروشن جي رحم ڪرم تي نٿا ڇڏي سگهون، اسان کي نوجوان نسل کي منشيات کان بچائڻو آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت منشيات فروشن خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي تي عمل لاءِ پرعزم آهي…

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.