ڪراچي ۾ پرڏيهي شهرين تي حملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ پرڏيهي شهرين تي حملي ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل ڪورنگي مهراڻ ٽائون جي شو روم مان قسطن تي حاصل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سي ٽي ڊي ٽيم شوروم مالڪ جو بيان رڪارڊ ڪيو آهي.
19 اپريل تي ٿيل لانڍي ۾ جاپاني شهرين جي گاڏي تي آپگهاتي حملي جي جاچ جاري آهي.
تازي اڳڀرائي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڌماڪي ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل مهراڻ ٽائون جي شو روم مان قسطن تي ورتي وئي هئي، سي ٽي ڊي جي جاچ ٽيم شو روم مالڪ جو بيان رڪارڊ ڪري ورتو آهي.
شو روم مالڪ جو چوڻ هو ته 2020 ۾ صدام هسين نالي شهري قسطن تي موٽرسائيڪل خريد ڪئي هئي، 45 هزار رپين جي موٽرسائيڪل 3 هزار رپيا ماهوار قسط تي ڏني وئي هئي.
هن بيان رڪارڊ ڪرايو ته موٽرسائيڪل وٺندڙ ماڻهو 3 قسطون ادا ڪرڻ کانپوءِ گم ٿي ويا، موٽرسائيڪل خريد ڪندڙن تي 26 هزار رپيا رهتون هيون.
ذريعن موجب سي ٽي ڊي موٽرسائيڪل خريد ڪندڙن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.