سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات، گرميءَ جو زور ٽٽي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان مينهن وسڻ کانپوءِ گرميءَ جو زور ٽٽي ويو آهي.
جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، خيرپور، شڪارپور ۽ شهدادڪوٽ ۾ وسڪارو ٿيو.
ميرو خان، باهو کوسو، مبارڪپور، ٺل، ڳڙهي ياسين ۽ مبارڪپور ۾ به برسات پئي.
ٺل، بخشاپور، چڪ، روهڙي، تنگواڻي ۽ ٻين علائقن ۾ به ڪڪر وسي پيا.
مينهن وسڻ سبب گرميءَ جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، جڏهن ته فصل کي نقصان رسڻ جو خدشو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.