ڪراچي: پکين جو ڪاروبار ڪندڙ شخص جي قتل جي الزام هيٺ هڪ ڄڻو گرفتار، ڪيس داخل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ شهرين پاران چور قرار ڏئي پکين جو ڪاروبار ڪندڙ شخص کي مارڻ جَي الزام هيٺ هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس مقتول غلام شبير جَي ڀاءُ جِي فرياد تي ڪيس داخل ڪري الزام هيٺ آيل بنگلي جَي مالڪ کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول پکين جو ڪاروبار ڪندو هو، جيڪو چوريءَ جَي الزام هيٺ شهرين جَي تشدد ۾ مارجي ويو.
پوليس چيو ته واقعو 24 اپريل تي پي اِي سي ايڇ ايس نوراني چورنگي ويجهو پيش آيو هو، غلام شبير جو ڏوهاري رڪارڊ ناهي مليو.
غلام شبير جَي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته سندس ڀاءُ کي پيسن جِي ڏيتي ليتي جَي تڪرار تان قتل ڪري چوريءَ جو ڊرامو رچايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.