پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ اسپيشل پروٽيڪشن فورس ٺاهڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ اسپيشل پروٽيڪشن فورس ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ريڊ زون سميت سمورين اهم آفيسن ۽ جاين جي سيڪيورٽي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.
گهرو وزير ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کي 100 سيڪڙو يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ يا دير ڪرڻ ڪنهن صورت قبول ناهي، ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ تي لاڳاپيل پوليس آفيسر خلاف ڪارروائي ٿيندي.
محسن نقوي اسلام آباد پوليس جَي پروٽيڪشن ڪيسز کي به فوري اڪلائڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته ترقي ملازم جو حق آهي جيڪو کيس وقت تي ملڻ گهرجي، پروموشن سان پوليس فورس جي مورال ۾ بهتري ايندي.
گهرو وزير اسلام آباد پوليس ۾ سمورين خالي جاين تي ڀرتي جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته اسلام آباد پوليس جون پگهارون پنجاب پوليس برابر ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.