سيڪيورٽي جي نالي رستا بند نه ڪريو، جناح ڪورٽس رينجرز کي ڪهڙي قانون تحت ڏني؟

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل) سپريم ڪورٽ رينجرز هيڊڪوارٽرز، گورنر ۽ سي ايم هائوس سميت سرڪاري ۽ خانگي عمارتن ٻاهران لڳل رڪاوٽون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سمورن حددخلين کي ختم ڪري ٽن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم، ڪالهه سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ حددخلين بابت سو موٽو ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته منهنجي اچڻ کان اڳ سپريم ڪورٽ ٻاهران به روڊ بند هو، مون ان کي کولرايو، ٻڌايو ته رينجرز هيڊڪوارٽر ڪٿي آهي ۽ فوٽ پاٿ ڪٿي آهي؟ ڇا دنيا ۾ ڪٿي ائين ٿئي ٿو؟ آمريڪا وڃو ۽ ڏسو، جيڪڏهن توهان کي ڏاڍو خوف محسوس ٿئي ٿو ته وڃو ۽ ڪنهن ڏورانهين علائقي ۾ ويهو، سيڪيورٽي جي نالي تي رستا بلاڪ نه ڪريو، چيف جسٽس چيو ته روڊ ڪيترن ئي هنڌن کان ٽٽل آهن، ميئر به آيو هو، ڪٿي آهن، بجلي جا پول ڪيرائي سڄو روڊ کوٽي ڇڏين ٿا، سڀاڻي لڳايون ٿا ڪيس، تفصيل ٻڌايو ته جناح ڪورٽ ڪهڙي قانون تحت رينجرز کي ڏني آهي؟ چيف جسٽس قاضي فائز عيسي چيو ته مون منع ڪئي ته مون لاءِ روٽ نه لڳايو، مون آءِ جي کي چيو آهي ته هاڻي روٽ لڳو ته توهين عدالت جو نوٽيس ورتو ويندو، ٿوري زندگي آهي، ڇا ان کي بچائيندا رهنداسين، هن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته وي آءِ پي ٿيڻ جو ڪهڙو طريقو آهي، توهان رينجرز هيڊ ڪوارٽر اڳيان حددخليون ڇو نه هٽايون؟ هي سڀ هٽايو، ننڍن ماڻهن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا، هي به هٽايو، بعد ۾ انهن کي به معاوضو ڏنو ويندو، جيڪڏهن خطرو آهي ته توهان ماڻهو ڪنهن ٻئي هنڌ هليا وڃو، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڇا اسان کي وڌيڪ خطرو آهي، توهان دهشتگردن کي پڪڙيو، اسان موت جي سزا ڏيون ٿا، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته گورنر هائوس ٻاهران ڪنٽينر ڇو رکيا آهن؟ عوام کي پريشان ڪرڻ چاهيو ٿا، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اهڙا ڪم ڪريو جنهن سان عوام کي تڪليف نه ٿئي، جڏهن ته چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي سامهون حددخليون آهن ته ان کي به ٽوڙيو وڃي، سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ رينجرز هيڊ ڪوارٽر، گورنر هائوس ۽ سي ايم هائوس ٻاهران حددخليون هٽائي ٽن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، چيف جسٽس چيو ته ڪنهن کي به ماڻهن جي آزاد آمد و رفت ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي اجازت ناهي، روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ رڪاوٽون وجهڻ غير قانوني آهي،  وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پاڻ ئي حددخليون ٺاهي رهيون آهن، عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل وفاقي ادارن کي آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ عدالتي حڪم جي ڪاپي سمورن لاڳاپيل ۽ سيڪيورٽي ادارن کي موڪلڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ڪراچي (رپورٽر) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته عدالتي معاملن ۾ ڪنهن جي به مداخلت قبول ناهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته جڏهن کان هو چيف جسٽس بڻيو آهي، ان وقت تائين هاءِ ڪورٽ جي ڪنهن جج طرفان مداخلت جي ڪا به شڪايت نه ملي آهي ۽ جيڪڏهن ڪا مداخلت به ڪئي وئي آهي ته اها به نه ملي آهي. چيف جسٽس چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا 6 جج مون سان ملڻ آيا هئا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي مداخلت جا واقعا چيف جسٽس بڻجڻ کان اڳ جا آهن.هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي تاريخي عمارت کي پراڻي حالت ۾ بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ بلوچستان ۾ رڳو هڪ هاءِ ڪورٽ هئي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مان سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جو شڪر گذار آهيان. بار روم جو هي منهنجو پهريون دورو آهي، مان پنهنجي والد سان گڏ بار روم ۾ ويندو هوس. اونهاري جي ٽن مهينن جي موڪلن ۾ ڪراچي ايندو هو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سان منهنجون يادون وابسته آهن، جيڪا هڪ تاريخي عمارت آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي تاريخي عمارت کي پراڻي حالت ۾ بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي، تاريخي عمارتن جو تحفظ تمام ضروري آهي. سپريم ڪورٽ جي نئين عمارت جي تعمير تي 7 کان 8 ارب رپيا لاڳت آئي هئي، هاڻي 36 وفاقي عدالتون ۽ ٽربيونل ٺاهيا ويندا. اميد آهي ته اها پهرين وفاقي عدالتن جي عمارت هوندي. چيف جسٽس چيو ته ڪالهه بلڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو، جيڪو ڪامياب ٿيو، جتي سپريم ڪورٽ جي عمارت آهي اها هاڻي تاريخي عمارت آهي، ماڻهو پنهنجي ثقافتي ورثي جي ڪري سڃاتا آهن، ڪراچي ۾ ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون آهن، جيڪڏهن ڪو چاهي ته ڪري. پراڻن عمارتن کي ڏسڻ لاءِ پارسي ڪالوني ڏسڻ گهرجي، منهنجو مشورو آهي ته اهي عمارتون بلڊرز کي نه ڏنيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.