نسلا ٽاور جي زمين وڪڻي الاٽيز کي معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي ( رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نسلا ٽاور جي زمين وڪڻي الاٽيز کي معاوضو ادا ڪرڻ جي حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ نسلا ٽائور جي متاثرن کي معاوضي جي ادائيگي بابت ڪيس جي ٻڌني ٿي جنهن دوران متاثرن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته نسلا ٽاور جو بلڊرز وفات ڪري چڪو آهي ۽ اڃا تائين معاوضو ناهي مليو، عدالت44 متاثرن کي معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جنهن تي عدالت چيو ته نسلا ٽاور جا متاثر ملڪيت جا دستاويز ثبوتن سان گڏ آفيشل اسائني سان رابطو ڪن. عدالت نسلا ٽاور جي پلاٽ جي مارڪيٽ ويليو بابت به رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ نسلا ٽاور جي زمين جي وڪرو جو اشتهار شايع ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت نسلا ٽاور جي زمين وڪڻي الاٽيز کي معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته نيلاميءَ ۾ ايندڙ واڪَ جي رپورٽ پڻ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ گجر نالي، اورنگي ۽ محمود آباد نالي جي متاثرن کي هڪ مهيني ۾ الاٽمينٽ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ گجر نالي، اورنگي ۽ محمود آباد نالي جي متاثرن کي معاوضي جي ادائيگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته جيڪڏهن نالي جا وڌيڪ متاثر آهن ته هڪ مهيني ۾ اي ڊي سي ٽو ڪراچي ڏکڻ سان رابطو ڪن. عدالت پڇاڻو ڪيو ته هيل تائين ڪهڙو عملدرآمد ٿيو آهي؟ ان تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته متاثرن کي 80 گز جو پلاٽ ۽ اڏاوت جي رقم ڏئي رهيا آهيون، سنڌ حڪومت 6932 خاندانن کي 80 گز جو پلاٽ ملير ۾ ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.