ٽيڻ تي ڀرتيون، غير قانوني ڀرتين جو بار سنڌ جي عوام تي ڇو وجهون؟ جسٽس فائز

ڪراچي( رپورٽر) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته غير قانوني ڀرتين جو بار سنڌ جي عوام تي ڇو وجهون؟ سرڪاري ادارا رڳو  ملازمن کي پالي رهيا آهن، ملازمن کي ويهاري رڳو پگهارون ڏنيون پيون وڃن، هڪ هڪ جڳهه تي ٽيڻ تي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ايڇ ڊي اي مان برطرف ڪيل ملازمن جي سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ۾ درخواست تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته سرڪاري نوڪريون انهن کي ئي ملڻيون هونديون آهن جيڪي قابل ئي نه هوندا آهن، قانون جا بخيا اڊيڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين. ٻڌڻي دوران درخواست گذارن جي وڪيل پاران اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي چيف جسٽس پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو . درخواست گذارن جي وڪيل ملڪ نعيم چيو ته صدر ۽ گورنر جي پئڪيج تحت ڀرتيون ٿيون، حڪومت پاڻ پراجيڪٽ شروع ڪيو بعد ۾ ملازمن کي واپس اماڻيو ويو.  چيف جسٽس چيو ته اسان کي ته حڪومت نه هلائڻي آهي، حڪومت هو پاڻ هلائين، ڇا ته بخيا اڊيڙيا ويا آهن قانون جي نالي تي، صدر ۽ گورنر وٽ ڪهڙو اختيار آهي، ڇا هنن وٽ پنهنجا پئسا هئا؟ صدر وٽ اهو اختيار ڪيئن آيو جو هو پئسا ورهائيندو رهيو، اهو ڪڏهن ٿيو ۽ ڪنهن ڪيو هو؟ درخواست گذارن جي وڪيل چيو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ ڀرتيون ٿيون هيون ۽ پئڪيج مليو هو، چيف جسٽس چيو ته جنهن شيءِ جو بنياد ئي غلط هوندو آهي ته پوءِ ائين ٿيندو آهي، اها شيءِ قائم رهي نه ٿي سگهي.  چيف جسٽس چيو ته صوبي جي ماڻهن جي ڳالهه ڪيو هنن کي ڇا ملي رهيو آهي؟ روڊ، پاڻي بجلي ڇا ملي رهيا آهن؟ ڇا سمورو پئسو پگهارن ۾ ڏيندا رهندا؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.