نوازشريف عمران خان سان ڳالهين لاءِ تيار آهي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ن ليگ اڳواڻ راڻا ثنا،ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف پاران وفاقي وزير راڻا تنوير تي 90 ڪروڙ رپيا ڏئي سيٽون وٺڻ جي الزام تي چيو ته راڻا تنوير اهڙو ماڻهو آهي جيڪو ڪنهن کي 90 رپيا نه ڏئي، 90 ڪروڙ رپيا ڇا راڻا تنوير گهر تي رکيا هئا؟ جاويد لطيف ڪي ثبوت فراهم نه ڪيا آهن، هن چيو ته نوازشريف ادارن جي سربراهن کي ملازمت مدي ۾ واڌ ڏيڻ جي حق ۾ ناهي، اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي کيسي مان قرآن پاڪ ڪڍي قسمون نه کائڻ گهرجن، پر هن جي اها ڳالهه درست آهي ته نوازشريف کي هن لنڊن نه اماڻيو هو،اسٽيبلشمينٽ کي سياست کان پري رکڻو آهي ته سياسي جماعتن کي پاڻ ۾ گڏجڻو پوندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.