29هين ورسي تي سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش

سن/مانجهند:سن:جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 29 هين ورسي سن ۾ وڏي عقيدت احترام سان ملهائي وئي، سيد کي  سنڌ جي لاءِ ڪيل جدوجهد ۽  امن پيار محبت جو فڪري نظريو ڏيڻ تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو عورتون مرد، قومي ڪارڪن ڪهاڻيڪار ليکڪ اديب ڪارن بسن وينن ۾ قافلن جي صورت ۾ سن پهچي ۽  سائين جي ايم سيد جي مزار تي محبتن جا گل نڇاور ڪري مزار کي مٺيون ڏئي عقيدت جو اظهار ڪيو ۔جڏهن ته  وڏي انگ ماڻهو جي آمد سبب سن شهر ۾  سڄو ڏينهن قومي گيتن نعرن ۽  جي گونج هئي،سخت گرمي هجڻ جي باوجود سيد کي ڀيٽا ڏيڻ جي لاءِ آيل ڪارڪنن ۾  وڏي همٿ ۽ جذبو نظر آيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.