سائين جي ايم دنيا کي امن جو پيغام ڏنو: فيض الله جوڻيجو

مانجهند/سن: سن ۾ جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 29 هين ورسي  جي موقعي تي جيئي سنڌ محاذ ( سهتوگروپ ) طرفان سينئر وائيس چئرمين فيض الله جوڻيجو وائيس چيئرمين اختر ڪاڪيپوٽو جنرل سيڪريٽري علي نواز ٻٽ سينئر اڳواڻ ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو اصغر لنڊ محمد آدم ٻٽ پروفيسر آزاد قاضي شيخ سنڌي ساجن ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي قومي ترانو پڙھيو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد پنهنجي سڄي زندگي قوم جي خاطر جيل ۾ گذاري هن سنڌي قوم سان گڏ دنيا کي امن ۽ آجپي جو پيغام ڏنو هنن وڌيڪ چيو ته سنڌي قوم ڪيترن مسئلن ۾ گهيريل آھي سنڌ ۾ بدامني عروج تي پهتل آھي نياڻين کي اغوا ۽ ريپ ڪيسن ۾ اضافو ٿيو آھي هارين کي غلام بنائي مزدورن کي حق نٿا ڏنا وڃن  ٻرندڙ مسئلن تي مئي ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.