پريا ڪماري جي آزادي لاءِ هينڊ بل ورهايا ويا

مانجهند: سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 29 هين  ورسي جي موقعي تي سنڌ سڀا نالي تنظيم طرفان معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاء ُهزارين هينڊ بل تقسيم ڪيا ويا هينڊ بل ۾ ( سنگرار جي حويلين ۾ قيد پريا ڪماري کي آزاد ڪريو )جو موضوع ڏيندي موقف اختيار ڪيو ويو ته 1947 کان سنڌ لٽجندي ڦرجندي رهي آھي آواز اٿارڻ تي ڪيترائي ڳڀرو نوجوان ٽارچر ذريعي شھيد ڪيا ويا آھن ڪيترائي اي ٽي سي سميت مختلف ڪيسن ۾ قيد آھن سنگرار مان کنڀي قيد ڪيل 7 ورهين جي ٻارڙي پريا ڪماري کي هر هنڌ احتجاج باوجود آزاد نٿو ڪيو وڃي اچو ته سڀ گڏجي پريا ڪماري کي آزاد ڪرائڻ لاء گڏجي جدجهد ڪري کيس قيد مان آزاد ڪرايون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.