گهوٽڪي مان اغوا ٿيل 2 اهلڪار ڊرامائي انداز ۾ هٿيارن سميت بازياب

گهوٽڪي(ڊ ر)گهوٽڪي ويجهو پوليس مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري جي مارجي وڃڻ بعد پلاند ۾ ڏوهاري جي حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شاه  aلي سيال جي شهيد ٿيڻ۽ ٻن اهلڪارن کي اغوا ڪرڻ واري واقعي جي ڪجهه ڪلاڪن اندر مغوي اهلڪارن کي آزاد ڪرائڻ تي سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پاران ايس ايس پي گهوٽڪي جي تعريف ڪئي. ان حوالي سان پوليس پاران هڪ پريس رليز پڻ جاري ڪئي وئي آهي جنهن مطابق ته سنڌ جي گهرو وزير ٻنهي اهلڪارن قيصر ڪلهوڙو ۽ محمد خان گبول جي سرڪاري اسلحي سميت واپسي تي گهوٽڪي پوليس جي تعريف پڻ ڪئي آهي. ۽ ڏوهارين خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جو حڪم جاري ڪيو آهي، هوڏانهن پوليس اهلڪار جي شهادت واري واقعي جو آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. ٻئي پاسي علائقي ۾ چوٻول آهن ته ڏوهارين جي پڪٽ تي حملي دوران ساٿي جي اهلڪار جي مارجي وڃڻ بعد اغوا ڄاڻايل ٻئي اهلڪار فصل ۾ لڪي ويا هئا جيڪي بعد ۾ پوليس ڊرامائي انداز ۾ مقابلي بعد آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.