محمد يوسف ڪابورو ڊائريڪٽر اشتهارات مقرر

ڪراچي(رپورٽر) انفارميشن کاتي جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون، محمد يوسف ڪابورو ڊائريڪٽر اشتهارات مقرر، خبر موجب انفارميشن کاتي جي 19 هين گريڊ جي  ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ اڪائونٽس محمد يوسف ڪابورو کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر اشتهارات مقرر ڪيو ويو آهي، جتان امتياز علي جويو کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر پبليڪيشن مقرر ڪيو ويو آهي، پبليڪيشن جي ڊائريڪٽر منصور احمد راجپوت کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ اڪائونٽس مقرر ڪيو ويو آهي، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڊائريڪٽر معيز الدين پيرزاده کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، جتان فدا حسين بالادي کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميڊيا، ڊائريڪٽر پريس حزب الله ميمڻ کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر فلمز، جتان رياض ميمڻ کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر پريس ۽ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر نوشهرو فيروز ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد موسيٰ گوندل کي بدلي ڪري ڊويزنل ڊائريڪٽر شهيد بينظير آباد مقرر ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.