ڪراچي (طارق دراني) سنڌ ۾ ڪڻڪ جي خريداري ۽ بارداڻي جي ورهاست جي ڀيانڪ صورتحال پئدا ٿي وئي آهي. سنڌ ۾ هر سال 27 کان 28 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي پيداوار ٿيندي آهي پر هن سال 40 کان 42 لک پيداوار لٿي آهي، حڪومت هر سال 15 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪندي آهي پر هن سال سرڪار واڌو ڪڻڪ هجڻ جو جواز ڄاڻائي صرف 9 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ سرڪار 4000 هزار رپيا في مڻ ريٽ مقرر ڪيو آهي، ان کانسواءِ خريداري مرڪز کولڻ ۾ دير ڪئي وئي. سنڌ م ڪٿي به هارين کي بارداڻو ناهي مليو. خوراڪ کاتو پاڻ معاملا سنڀالي رهيو آهي، جنهن جي ڪري حڪمران پارٽي جا ايم اين اي، ايم پي اي ۽ ٻيا چونڊيل نمائندا به پريشان آهن. هارين ۽ آبادگارن کي بارداڻو نه ملڻ سبب واپارين کي اوپن مارڪيٽ ۾ فائدو ٿي رهيو آهي ۽ هنن ڪڻڪ جا ريٽ 3000، 3100 تائين ڪيرائي ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ آبادگارن احتجاجي مظاهرا به ڪيا آهن ئي هنن عدالت وڃڻ جو به اعلان ڪيو آهي، ان جي باوجود سندن ڪو به ٻڌڻ وارو ناهي.