شڪارپور مان 4 مغوي آزاد، گهرو وزير پاران پوليس کي شاباشي

سکر/شڪارپور(رپورٽ:آزاد مهر)شڪارپور پوليس بچل ڀيو شاهه ٻيلي جي ڪچي ۾ آپريشن کي چئن مغوين کي آزاد ڪرائي ورتو آهي، ان ڏس ۾ ايس ايس پي شڪارپور جو چوڻ آهي ته مهر ۽ جتوئي قوم جي ٻن ڌرين پاران  هڪ ٻئي جي ماڻهن کي يرغمال بڻائي اغوا جو تناسب ڏيڻ واري اطلاع تي ٿاڻي بچل ڀيو شاهه ٻيلي جي ڪچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن ڪري پوليس جي وڏي نفري سان گڏ ڪچي جي رستي تي ناڪابندي ڪندي 4 ڄڻن ساوڻ ڪرسي جتوئي، عبدالصمد ڪرسي جتوئي، مولا بخش جتوئي ۽ محمد رحيم مهر کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. هوڏانهن  شڪارپور پوليس جي ڪامياب آپريشن بعد وزير داخلا سنڌ ضياءُ الحسن لنجار پاران شاهه ٻيلي ۾ ڌاڙيلن خلاف دليراڻي ڪاروائي تي شڪارپور پوليس پارٽي کي شاباش ڏيندي يرغمالين جي باحفاظت بازيابي تي تعريف ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.