حيدرآباد ۾ سڀاڻي امن مارچ ڪيو ويندو، تياريون مڪمل

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪرڻ خلاف سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ڌرين طرفان سڀاڻي حيدرآباد ۾ امن مارچ ڪيو ويندو، جنهن جي تياري ڪميٽي جو اجلاس عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ شير چانڊيو، عوامي ورڪرس پارٽي جي اڳواڻ لطيف لغاري، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ غفار چانڊيو، وطن دوست جمهوري پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عرض محمد رتڙ، پ ٽ الف جي اڳواڻ عبدالوحيد لاشاري، غلام حسين لغاري، سماجي اڳواڻ ۽ ليکڪ فهيم نوناري، عبدالقادر رانٽو، همت پتافي، فهيم پرويز ميمڻ، غلام حسين، نواب مگسي، ڪاشف ملاح، اصغر ملاڻو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته هٿ وٺي سنڌ کي لاقانونيت جي اوڙاهه ۾ اڇليو ويو آهي. ملڪ جا حڪمران سنڌ جي عوام سان جنگي قيدين جهڙو سلوڪ ڪري رهيا آهن. حق حلال جي روزي لاءِ گهران نڪتل استادن، ڊرائيورن، پوليو ورڪرن، مزدورن ۽ هارين کي ڌاڙيل اغوا ڪري مٿن وحشياڻو تشدد ڪن ٿا، پوليس جا سپاهي به ڌاڙيلن جي ظلمن جو شڪار ٿي رهيا آهن. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڌاڙيلن کي ڪچي ۾ هٿيار پهچائيندڙ اسمگلرن ۽ انهن جي سرپرستن کي گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.