ڪراچي مان 14 ورهين جي نينگري گم، اغوا جو شڪ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي مان  14  سالن جي نينگري گم ٿي وئي آهي، جنهن جي اغوا جو شڪ ڏيکاريو پيو وڃي. ڪلري ٿاڻي جي حد لياري نيا آباد جي علائقي  مان 14 ورهين جي نينگري پوجا ڪماري  24 اپريل 2024 اربع  ڏينهن صبح 10:00 وڳي ميڊيڪل اسٽور مان دوا وٺڻ وئي جنهن جي اڃا تائين ڪا خبر نه پئي، جنهن جي ايف آءِ آر پڻ ڪلري ٿاڻي ۾ داخل ڪئي وئي آهي، جنهن جي جي  اڃا تائين ڪا خبر ناهي.ان ڏس ۾ پوجا ڪماري جي  وارثن عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي شڪ آهي ته اسان جي نياڻي کي اغوا ڪيو ويو آهي،  پوليس  اسان جي نياڻي  کي بازياب ڪرائي  ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي.  ٻئي طرف نيشنل ڪميشن فار مينارٽيز ۽ پاڪستان هندو فورم جو آرگنائزر ڊاڪٽر جئپال چاٻڙيا  عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته پوجا ڪماري 14 سالن جي ڇوڪري آهي. هن وڌيڪ چيو ته  ڇوڪرين کي گم ڪرڻ وارو سلسلو  وڌڻ سبب هتان جا سنڌي لڏي رهيا آهن،اسين رياست کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌي هندن کي تحفظ ڏنو وڃي. جيڪڏهن ڪابه بالغ هجي ۽  ان کي مذهب تبديل ڪرڻو آهي ته ڪورٽ ۾ وڃي ته اسان کي اعتراض ناهي پر ان کي غائب ڪري، جنسي زيادتي ڪري، زبردستي غائب ڪرڻ وارو عمل درست ناهي. اسان چيف جسٽس آف سنڌ، سنڌ حڪومت ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ ۾ رهندڙن هندن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.