ناسا ۽ نوڪيا جو چنڊ تي 4 جي نيٽورڪ لڳائڻ واري منصوبي تي ڪم شروع

هونئن ته دنيا جي هر حصي ۾هيئنر تائين 4 جي انٽرنيٽ نيٽورڪ جي سهولت دستياب ناهي، پر جلد ئي چنڊ تي اهو ممڪن ضرور ٿي ويندو.
آمريڪي خلائي اداري ناسا ۽ فن لينڊ جي ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني نوڪيا چنڊ تي 4 جي سيلولر نيٽ ورڪ لڳائڻ تي معاهدو ڪري ورتو آهي.
ان منصوبي جو مقصد چنڊ تي انسان جي گهڻي عرصي تائين رهڻ کي ممڪن بڻائڻ آهي.
مشن ۾ موجود لينڊر 4 جي نيٽورڪ کي لڳائي بعد ۾ زمين سان ڪنٽرول ڪيو ويندو.
ناسا جي اسپيس ٽيڪنالاجي مشن ڊاڪٽوريٽ جي ڊپٽي ايسوسي ايٽ ايڊمنسٽريٽر والٽ انگليونڊ ٻڌايو ته پهريون چيلينج ته اهو آهي جو مناسب خرچ ، وزن ۽ پاور سان اهڙو نيٽ تيار ڪيو وڃي جنهن کي انسان بغير فٽ ڪرڻ ممڪن هجي ۽ چنڊ تي ڪم به ڪندو رهي.
اس 4 جي نيٽورڪ يونٽ کي فن لينڊ جي ڪمپني جي ليبارٽري ۾ تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ڪمرشل ٽيڪنالاجيز استعمال ڪيون وينديون.
اهو نيٽورڪ وڌيڪ گرمي پد، ريڊي ايشن ۽ خلائي ماحول ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويندو، نيٽورڪ آمريڪي ڪمپني طرفان چنڊ تي موڪليل هڪ لينڊر تي موجود هوندو جنهن ۾ مشن اتي برف ڳولهڻ هوندو.
لينڊر تي موجود روور پنهنجي سرچ مشن دوران تصويرون ۽ وڊيوز لينڊر ۽ پوءِ زمين تي 4 جي نيٽورڪ ذريعي موڪليندو.
اهڙي ريت ايندڙ سالن ۾ ناسا جي آرٽيمس 3 مشن ذريعي انسانن کي چنڊ طرف موڪليو ويندو ۽ اهو 4 جي نيٽورڪ انهن لاءِ انتهائي اهم ثابت ٿيندو.
والٽ اينگليونڊ موجب هاڻي خلاباز هڪ ٻئي سان ريڊيو ذريعي رابطو ڪندا آهن پر ناسا جي خواهش آهي ته ايڇ ڊي ڊيو ۽ سائنسي ڊيٽا سپورٽ ڪرڻ وارن ڪميونيڪيشن سسٽم چنڊ تي ڪم ڪري.
ان سان سائنسي ڊيٽا کي زمين تي موڪلڻ سان گڏوگڏ خلا باز پنهنجي گهرن وارن سان موبائل فون تي ڳالهه ٻول ڪري سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.