سچن جي اُها جادوئي اننگز جنهن بعد کيس ” ڪرڪيٽ جو ديوتا “ قرار ڏنو ويو

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي بيٽر ۽ ماسٽر بلاسٽر جي نالي سان مشهور سچن ٽنڊولڪر اڄ پنهنجي 51 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي.
22 اپريل 1998ع ۾ پنهنجي سالگرهه کان ٻه ڏينهن پهرين جڏهن سچن ٽنڊولڪر شارجا اسٽيڊيم ۾ ڀارت لاءِ آسٽريليا خلاف هڪ شاندار اننگز کيڏي، تڏهن سندس عمر 25 ورهيه هئي.
24 اپريل 1973ع تي ڀارتي رياست مهارشٽرا جي راڄڌاني ممبئي ۾ جنم وٺندڙ سچن رميش ٽنڊولڪر، سڀ کان وڌيڪ انٽرنيشل ميچون کيڏيون،هو سڀ کان وڌيڪ سينچريون، ففٽيون اسڪور ڪندڙ رانديگرن ۾ سرفهرست آهي.
هن اننگز جي اهميت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيئي اڪسپرٽ ۽ ڪرڪيٽ شوقين ان اننگز کانپوءِ سچن کي ” ڪرڪيٽ جو ديوتا “ چوڻ لڳا.
ڀارتي ٽيم کي ڪوڪولا ڪپ جو فائنل کيڏيندي يا نه؟ ان جو فيصلو آسٽريليا خلاف ميچ جي نتيجي تي ٻڌل هو.
تڏوهڪي آسٽريلوي ڪپتان اسٽيووا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو، مائيڪل بيون جي ناٽ آئوٽ 101 ۽ مارڪ وا جي شاندار 81 رنسن جي مدد سان ڪينگروز مقرر 50 اوورن ۾ 284 رنسون ٺاهيون.
ڀارت کي نيوزيلينڊ کان رن ريٽ جي بنياد تي اڳتي نڪرڻ ۽ فائنل ۾ پهچڻ لاءِ 254 رنسون ٺاهڻيون هيون.
سچن ڀارتي ٽيم ۾ اوپنر طور کيڏي رهيو هو، ڀارتي ٽيم 29 اوورن تائين چار وڪيٽون وڃائي چڪي هئي ۽ ٽيم جو مجموعي اسڪور 138 رنسون هيون، سچن ڪريز تي موجود هو ان دوران مٽي جو طوفان شروع ٿي ويو.
سچن پنهنجي آٿم ڪٿا ” پليئنگ اٽ ماءِ وي “ ۾ ان طوفان بابت لکيو آهي ته ” مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به مٽيءَ جو طوفان نه ڏٺو هو، منهنجو قد پنج فٽ پنج انچ هو، مان ڊنل هئس، ڊپ هو ته ڪٿي طوفان مون کي اُڏائي کڻي نه وڃي انڪري مان آسٽريلوي وڪيٽ ڪيپر ايڊم ڪلگڪرسٽ جي پويان ٿي بيٺس ۽ سوچيو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته کيس پڪڙي وٺندس“ .
پر ان طوفان جو سچن جي روح تي ڪو به اثر نه ٿيو، طوفان ماٺي ٿيڻ کانپوءِ جڏهن راند ٻيهر شروع ٿي ته ڀارت کي کٽڻ لاءِ 46 اوورن ۾ 276 رنسون گهربل هيون ۽ فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ لاءِ 237 رنسون، يعني 17 اوورن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 100 رنسون ٺاهڻيون هيون.
سچن هڪڙو ئي سموري آسٽريلوي ٽيم تي ڳرو ثابت ٿيو، ايندي ئي هن ٽام موڊي جي بال کي بائونڊري لائين جي پار پهچائي ڇڏيو.
هن 131 بالن تي 143 رنسون ٺاهيون، نوَ چوڪن ۽ پنج ڇڪن جي مدد سان ٽنڊولڪر جي اِها اننگز ڀارت کي فتح ته نه ڏياري سگهي پر ٽيم فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
سندس ان اننگز سبب ماڻهن کان واريءَ جو طوفان وسري ويو ۽ ان ميچ کي ” سچن طوفان “ جي نالي سان ياد ڪرڻ لڳا.
سچن جي اننگز آسٽريلوي فاسٽ بالر مائيڪل ڪاسپروچز کي دنگ ڪري ڇڏيو، ڊيمين فليمنگ کي يقين نه پئي آيو ۽ شين وارن گهڻو پوءِ چيو ته” سچن مون کي خوابن ۾ ڊڄاريندو رهيو“.
جيڪڏهن سچن ٽنڊولڪر کي 43 هين اوور ۾ ڊيمين فليمنگ آئوٽ نه ڪري ها ته هو ميچ به کٽڻ جي پوزيشن ۾ نظر اچي رهيو هو.
جنهن بال تي کيس آئوٽ قرار ڏنو ويو، سچن سميت تجزئي نگار ان کي نوبال سمجهي رهيا هئا.
مداح 26 ورهين کانپوءِ به سچن ٽنڊولڪر جي اِها اننگز نه وساري سگهيا آهن، ان سان گڏوگڏ ماڻهن کي ٽي وي تي ميچ جي ڪامينٽري ڪندڙ ٽوني گريگ جو آواز به ياد آهي.
۽ نيٺ سچن ٻن ڏينهن بعد 24 اپريل تي کيڏيل فائنل ۾آسٽريليا کان ان ميچ جو پلاند وٺڻ ۾ ڪامياب رهيو.
هن فائنل ۾ 131 بالن تي ٻارنهن چوڪن ۽ ٽن ڇڪن جي مدد سان 134 رنسون ٺاهيون، سندس سينچري جي ڪري ڀارت ڪوڪاڪولا ڪپ کٽي ورتو.
ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي آسٽريلوي ڪپتان اسٽيووا به چيو ته ” سندس ٽيم سچن ٽنڊولڪر کان هارائي وئي“ .
سچن پنهنجي سموري ڪيريئر ۾ سئو انٽرنيشنل سينچريون اسڪور ڪيون پر جڏهن به خاص سينچرين جو ذڪر ٿيندو ته شارجا ۾ لاڳيتو ٻن ميچن ۾ اسڪور ڪيل سندس ٻنهي سينچرين کي سڀ کان مٿانهين اهميت حاصل هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.