نوَ سال اڳ قطر سان ڪيل معاهدي جا دستاويز گم ٿي ويا!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) نوَ سال اڳ قطر سان ڪيل معاهدي جا دستاويز گم ٿي ويا، جنهن وزيراعظم شهباز شريف جو نوٽيس ورتو آهي.
ذريعن موجب، ڇنڊڇاڻ باوجود معاهدي جي ڪابينا مان منظوريءَ جا دستاويز نه ملي سگهيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قطري امير جي 2015ع ۾ پاڪستان جي دوري دوران معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون هيون، قطر معاهدي جي منظوري کانپوءِ دستاويز پاڪستان جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا.
ذريعن موجب، معاهدي تحت ٻنهي ملڪن وچ ۾ معلومات جي ڏي وٺ، ريسرچ ۽ اسٽڊيز ٿيڻي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي هدايتن تي نوَ سال پراڻن معاهدن جي ڪابينا کان ٻيهر منظوري ورتي وئي آهي، قومي ورثا ڊويزن جي سمري تي ڪابينا مان سرڪيوليشن ذريعي منظوري ورتي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.