سونيا شمروز خيبرپختونخواهه جي پهرين عورت اي آءِ جي بڻجي وئي

پشاور (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ايسوسي ايشن آف وومين پوليس ايوارڊ حاصل ڪندڙ واحد مسلمان عورت سونيا شمروز کي خيبرپختونخواهه جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسسٽنٽ انسپڪيٽر جنرل آف پوليس (اي آءِ جي) اسٽيبلشمنٽ تعينات ڪيو ويو.
ايبٽ آباد ضلعي سان واسطو رکندڙ سونيا شمروز ڊي پي او چترال ۽ ڊي پي او بٽگرام جي عهدن تي به پنهنجا فرض سرانجام ڏئي چڪي آهي، سونيا 2013 ۾ پوليس سروس جوائن ڪئي هئي.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سونيا جو چوڻ هو ته هاڻي وڏي ذميواري ملي آهي، صوبي ۾ عورت آفيسرن کي مرد آفيسرز جي مقابلي ۾ برابر جا حق ڏنا پيا وڃن، ڪڏهن به ڪنهن عهدي لاءِ سفارش ناهي ڪئي.
هن چيو ته صوبي ۾ ڪم ڪرڻ جي لحاظ سان بهتر ماحول آهي، پنهنجي خدمتن تي بين الاقوامي ۽ قومي سطح تي ايوارڊ حاصل ڪيا، ايوارڊ جبري شادين ۽ عورتن تي تشدد جي واقعن جي روڪٿام جي حوالي سان آهن.
ان حوالي سان آءِ جي خيبرپختونخواهه اختر حيات ٻڌايو ته صوبي ۾ عورت پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خصوصي ترجيح ڏني پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.