”نواز ۽ شهباز جو پاڻ ۾ جهيڙو هلي رهيو آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ لطيف کوسا چيو آهي ته شريف ڀائرن جو پاڻ ۾ جهيڙو هلي رهيو آهي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي لطيف کوسا چيو ته شهباز شريف پنهنجي وڏي ڀاءَ کي دوکو ڏنو ۽ وزارت عظميٰ کسي ڇڏي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ڀائرن جو پاڻ ۾ جهيڙو هلي رهيو آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته ن ليگ ۾ راڻا ثناءُ الله، خرم دستگير، جاويد لطيف ۽ سعد رفيق جو الڳ ڌڙو آهي، جيڪو شهباز شريف کي تسليم نٿو ڪري ۽ چئي ٿو ته نواز شريف هوندو ته اسان جي حڪومت هوندي.
سندس چوڻ هو ته شهباز شريف ڪنهن ٻئي جي هنج ۾ ويهي حڪومت ڪري رهيو آهي، ان جو نه ناڻي وارو وزير ۽ نه گهرو وزير پنهنجو آهي.
لطيف کوسا چيو ته نواز شريف هتي ڪاروبار ڪرڻ آيو هو، هن پاڪستان کي ڪاروبار جو حب بڻايو آهي، هتان فائدو کڻي واپس هليو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.