ڪراچي ۾ ڀارت مان سمگل ٿيل سرجيڪل اوزار، ڪرنسي ۽ سون برآمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) وڏي ڪارروائي ڪندي ڀارت مان سمگل سرجيڪل اوزار، ايڪسپائر لينس، ڪرنسي ۽ سون برآمد ڪري ورتو.
ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي رئوف شيخ موجب پي اي سي ايڇ ايس ۾ هڪ بنگلي تي ڇاپو هنيو ويو، جتان سرجيڪل اوزار ۽ ٻيون شيون مليون، برآمد سرجيڪل اوزارن ۾ ايڪسپائز لينس به آهن.
هن ٻڌايو ته سمگلنگ ڪندڙ نيٽ ورڪ وٽان ڪروڙين رپين جي ڪرنسي به برآمد ٿي، ڇاپي دوران ٻه ڪلو سون به قبضي ۾ ورتو ويو.
سندس چوڻ هو ته سمگل سرجيڪل اوزار مختلف اسپتالن ۾ وڪرو ڪيا ويندا هئا، شيون ڀارت مان درآمد ڪري ٻين ملڪن جا ليبل لڳائي ڏنيون وينديون هيون، ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.