اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي، 100 انڊيڪس پهريون ڀيرو 72 هزار جي حد پار ڪري ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ ٺهڻ جو سلسلو جاري آهي.
اڄ ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس ۾ 692 پوائنٽن جي واڌ ٿي ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 100 انڊيڪس 72 هزار پوائنٽن جي نفسياتي حد پار ڪري ويو.
ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي100 انڊيڪس 72 هزار 51 پوائنٽن تي بند ٿيو، جڏهن ڪاروبار دوران انڊيڪس جي بلند ترين سطح 72 هزار 414 پوائنٽس رهي.
واضح رهي ته آخري ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 71 هزار 359 تي بند ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.