تجربا ڪري رهيا آهيون ته جيئن ورلڊ ڪپ لاءِ مضبوط ٽيم ٺاهي سگهون: بابر اعظم

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي اسان جي ڪوشش آهي ته سيريز کٽيون، گذريل ميچ جي غلطين مان سکنداسين، ورلڊ ڪپ کي ذهن ۾ رکي کيڏي رهيا آهيون.
ڪيويز خلاف چوٿين ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته مون کي سڀني ڇوڪرن تي يقين آهي، اهي ئي سٺي راند پيش ڪندا، گذريل ميچ ۾ ڪيل غلطين مان سکنداسين.
هن چيو ته ورلڊ ڪپ کان اڳ تيارين لاءِ هيءَ سيريز سٺو موقعو آهي، تنهن ڪري مختلف ڪامبينيشن آزمائي رهيا آهيون، ڪوشش آهي ته ورلڊ ڪپ لاءِ تيارين کي حتمي شڪل ڏيون.
سندس چوڻ هو ته هن سيريز ۾ مختلف تجربا ڪري سگهجن ٿا، ڇو ته مقصد ورلڊ ڪپ لاءِ مضبوط ٽيم تيار ڪرڻ آهي، هر رانديگر کي موقعو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن سڀ تيار رهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.