ڪراٽي چيمپيئن شاهزيب رند کي نوڪري ۽ 20 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت دبئي ۾ ڀارتي ڪراٽي فائٽر کي هارائيندڙ شاهزيب رند کي سرڪاري نوڪري ۽ 20 لک رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
خابرو اداري موجب ڪوئيٽا ۾ وڏي وزير سرفراز بگٽي ڪراٽي چيمپيئن شاهزيب رند سان ملاقات ڪئي.
وڏي وزير ڀارت خلاف مقابلو کٽڻ تي شاهزيب کي مبارڪباد ڏني، ۽ شاهزيب لاءِ سرڪاري نوڪري ۽ 20 لک رپيا ڪيش ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.
وڏي وزير جو چيو ته شاهزيب بلوچستان ۽ پاڪستان جو فخر آهي، شاهزيب ثابت ڪيو آهي ته بلوچستان ۾ عاملي سطح جو ٽيلينٽ موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.