محمد رضوان ۽ عرفان نيازي نيوزيلينڊ خلاف سيريز کان ٻاهر ٿي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني بيٽر محمد رضوان ۽ عرفان نيازي نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کان ٻاهر ٿي ويا.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان ٽيم مئنيجمينٽ ٻنهي رانديگرن کي آرام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، رضوان ۽ عرفان کي آرام ڏيڻ جو فيصلو ميڊيڪل رپورٽن جي بنياد تي ڪيو ويو آهي.
پي سي بي موجب ٻئي رانديگر خميس ۽ ڇنڇر تي لاهور ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچون نه کيڏي سگهندا، ٻئي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ميڊيڪل پئنل جي نگراني ۾ ري هيب تي ڪم ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.