پريتي زنٽا جي وڏي عرصي بعد واپسي، ڪهڙي فلم ۾ نظر ايندي؟

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا پريتي زنٽا وڏي عرصي بعد اسڪرين تي پنهنجا جوهر ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي،
پريتي زنٽا انسٽاگرام تي هڪ نئين ايندڙ فلم ”لاهور 1947“ جي سيٽ تي ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون آهن.
اداڪارا تصويرون شيئر ڪندي ڪيپشن لکيو آهي ته فلم ”لاهور 1947“ جي سيٽ تي موجود آهيان ۽ هاڻي به ان جي شوٽنگ ٿي رهي آهي.
عامر خان جي پراڊڪشن ۾ ايندڙ فلم ۾ پريتي زنٽا سان گڏ سني ديول به مرڪزي ڪردار ڪندو.
عامر خان پراڊڪشن گذريل سال آڪٽومبر ۾ فلم ٺاهن جو اعلان ڪيو هو، فلم رليز ٿيڻ کان اڳ ئي بهترين ڪهاڻي ۽ ڪاسٽ ۾ ناليوارن اداڪارن جا نالا هجڻ تي شوقينن جو ڌيان ڇڪي ورتو هو.
ياد رهي ته پريتي زنٽا آخري ڀيرو 2018ع ۾ فلم “ڀيا جي سپر هٽ“ ۾ اداڪاري ڪندي نظر آئي هئي، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان فلم ۾ سني ديول ئي مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.