واپارين وزيراعظم کي عمران خان سان ڳالهيون ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ واپارين وزيراعظم شهباز شريف کي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ڳالهيون ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو، جتي هن مزارِ قائد تي حاضري ڀري، سنڌ حڪومت سان اجلاس ڪيا جنهن کانپوءِ ڪراچي جي واپارين خطاب پڻ ڪيو.
واپارين سان ملاقات ۾ ڪاروباري شخصيتن کيس عمران خان سان ڳالهيون ڪرڻ، ڀارت سميت ٻين پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي تجويز ڏني.
واپارين وزيراعظم آڏو تجويز رکندي چيو ته اوهان پ پ سميت ٻين پارٽين سان هٿ ملايو اسان چاهيون ٿا ته اوهان پاڙيسري ملڪ ڀارت سميت ٻين ملڪن سان سان به هٿ ملايو ۽ هڪ هٿ اڊيالا واسين سان به ملايو، اوهان اسٽاڪ مارڪيٽ کي بلندين تي پهچايو آهي پر بجلي جي قيمت به گهٽايو.
وزيراعظم چيو ته اسان کي واپاري برادري جي ضرورت آهي اوهان،پاڪستان ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي ويو آهي جنهن کي اڳتي آڻڻو آهي، اسمگلنگ جي روڪٿام تي زور ڏئي رهيا آهيون انڪري رونيو گهٽجي ويو آهي.
هن چيوته ڪجهه ادارن کي خانگايو پيو وڃي خاطري ڪرايان ٿو نجڪاري شفاف ٿيندي، حڪومت جو ڪم انڊسٽري هلائڻ ناهي پاليسي جوڙڻ آهي انڊسٽري هلائڻ واپارين جو ڪم آهي جنهن لاءِ واپارين جا جائز مطالبا پورا ڪيا ويا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.