آءِ سي سي يوسين بولٽ کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو سفير مقرر ڪري ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) اولمپڪ ليجنڊ يوسين بولٽ کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو سفير مقرر ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پهرين جون کان 29 جون تائين آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ کيڏيو ويندو، جنهن لاءِ آءِ سي سي 3 اولمپڪ گيمز ۾ مسلسل گولڊ ميڊل کٽيندڙ يوسين بولٽ کي سفير مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
دنيا جي تيز ترين ايٿليٽ جو اعزاز رکندڙ يوسين بولٽ مقرري تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته مان ويسٽ انڊيز ۾ عالمي ڪپ جون ميچون ڏسڻ لاءِ بيچين آهيان، ويسٽ انڊيز کي ڀرپور سپورٽ ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.