ملير جا 25 کان وڌيڪ ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ انتظاميا پاران جائزو، ماروئڙن کي چتاءُ

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ملير جي يوسي گهگهر ۾ فاريسٽ عملدارن روينيو ۽ ملير جي عدالتي عملدارن پاران 25 کان وڌيڪ ڳوٺن جي زمين جو جائزو ورتو ويو، عملدارن پاران ڳوٺن ايندڙ زمين کي سنڌ ٻيلي کاتي جي ملڪيت قرار ڏيندي چيو آهي ته ڳوٺ غيرقانوني آهن انهن کي هڪدم خالي ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ قانوني چارا جوئي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ يوسي گهگهر جي وائيس چيئرمين خليفو عبدالستار ”عوامي آواز“ کي ٻڌايو ته جيڪڏهن فاريسٽ ڊپارٽمينٽ يوسي گهگهر جي ڳوٺن کي خالي ڪرايو ته پوءِ يوسي جي سموري آبادي هڪ طرف متاثر ٿيندي ٻئي طرف هتي سواءِ يوسي گهگهر سٽي کان سواءِ ڪجهه نه رهندو. هن وس وارن کان اپيل ڪئي ته ڳوٺن کي متاثر ٿيڻ ۽ لڏائڻ بچايو وڃي. ٻئي طرف مقامي رهواسين گهر ڇڏڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، ڳوٺ خالي ڪرائڻ خلاف تحريڪ هلائڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.