ايراني صدر جي آمد: ڪراچي ۾ سخت سيڪيورٽي انتظام

ڪراچي( رپورٽر ) ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي وفد جي ڪراچي دوري جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. ايس ايس يو جي 700 ڪمانڊوز سميت ليڊي ڪمانڊوز سميت سڪيورٽي ڊويزن جا 800 کان وڌيڪ اهلڪار سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن.ڪراچي پوليس جا 3847 کان وڌيڪ اهلڪار غير ملڪي معززين جي آمد جي موقعي تي ٽريفڪ پوليس جا 1500 اهلڪار، اسيشل برانچ جا 300 اهلڪار ۽ آر آر ايف جا 300 اهلڪار به ضلعي پوليس سان گڏ سيڪيورٽي ڊيوٽي تي مقرر آهن. حساس هنڌن تي ايس ايس يو اسنائپر پڻ مقرر ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه SSU جي اسپيشل ويپنز اينڊ ٽيڪٽڪس (S.W.A.T) ٽيم ڪنهن به اڻوڻندڙ ​​واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت الرٽ رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.