خيرپور ۾بارداڻو غيرمقامين حوالي، آبادگارن سيٺارجا سينٽر کي تالو لڳائي ڇڏيو، ڌرڻو

سيٺارجا (ن ع آ)خيرپور ضلعي جي ٻيو نمبر وڏي فوڊ گدام سيٺارجا تي مقامي آبادگارن کي بارداڻو نه ملڻ ۽ فوڊ انسپيڪٽر طالب چنو پاران ٻاهران ڪڻڪ خريد ڪري سيٺارجا گدام تي لهرائڻ جي خلاف مقامي آبادگارن فوڊ گدام پهچي سخت احتجاج ڪيو ۽ ٻاهران گهرايل ڪڻڪ جون ٽراليون لهڻ نه ڏنيون ۽ گودام جي مين گيٽ کي تالو هڻي ڇڏيو. ان موقعي تي آبادگارن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته فوڊ انسپيڪٽر پنهنجي من پسند ٻاهران ماڻهن جي ڪڻڪ هتي لهرائي رهيو آهي ۽ مقامي آبادگارن کي بارداڻو نه ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن مقامي آبادگارن سان انصاف نه ٿيو ته گيٽ کولڻ نه ڏينداسين ۽ وڌيڪ سخت احتجاج ڪيو ويندو. ٻئي طرف انچارج سينٽر تان فرار ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.