ايس ٽي پي پاران ”اچو ته سنڌ سنواريون“ سري هيٺ تحريڪ هلائڻ جو فيصلو

حيدر آباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، بيروزگاري، منشيات جي خاتمي، صحت ۽ تعليم جي بهتري جي لاءِ "اچو ته سنڌ سنواريون” جي سري هيٺ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو  ويو آهي، پهرين مرحلي ۾ 6  مئي گھوٽڪي، 7، مئي ڪنڌڪوٽ،  8 مئي جيڪب آباد، 9, مئي سکر، 16 مئي قمبر شهدادڪوٽ، 17 مئي لاڙڪاڻو، 18مئي دادو، 19 مئي نوشھروفيروز، 25 مئي نوابشاھه، 26 مئي سانگھڙ، 27 مئي ميرپورخاص، 28 مئي عمرڪوٽ، 29 مئي ٿرپارڪر، 5جون بدين، 6 جون ٽنڊومحمد خان،7 جون سجاول، 8 جون ٺٽو،11جون ٽنڊوالهيار، 12 جون مٽياري، 25 جون ڄامشورو، 26 جون حيدرآباد، 7 جولائي ڪراچي ڊويزن ڪراچي پريس ڪلب آڳيان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. اهڙو فيصلو سنڌ ترقي پسند پارٽي جي تنظيمي شعبي ۽ پارٽي جي آئين ۽ منشور جي ترميمي ڪميٽي جي گڏيل اجلاس ۾ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي ڪيل فيصلن جي روشني ۾ فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي ، حيدر ملاح ، ڊاڪٽر سومار مڱريو عاشق سولنگي ، قادر چنا ، ھوت خان گاڏهي ڄام شوڪت ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي اندر وڌندڙ بدامني، منشيات ، بيروزگاري ڪرپشن ۽ مهانگائي جا ذميوار حڪمران طبقو آهي جن کي عوام جي بدران پنهنجا ذاتي مفاد عزيز آهن. ملڪ جي معاشي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي ۽ عوام هڪ ويلو کائڻ جي لاءِ پريشان آهن. حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ لٽ مار سبب عوام مٿان مھانگائي جو عذاب آهي ۽ حڪمران خود ڏينهون ڏينهن ملڪيتون ٺاهيندا پيا وڃن. اهڙي صورتحال خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي سنڌ جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائيندي ۽ عوام جي سگهه ۽ سياسي جدوجھد سان سنڌ سنواريندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.