ايران سان واپار تي پابندي جي ڌمڪي، پاڪستان اسان سان ڀائيواري ذهن ۾ رکي: واشنگٽن

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ايران سان واپاري معاهدن تي غور ڪرڻ وارن کي صلاح ڏني آهي ته هو پابندين جي امڪاني خطري کان آگاهه رهن. واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاڪستان-ايران واپاري معاهدن بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته آمريڪا پاڪستان خلاف امڪاني پابندين جو جائزو نه پيو وٺي. آمريڪا پاڪستان جي سڀ کان وڏي ايڪسپورٽ مارڪيٽ آهي ۽ ان جي وڏن سيڙپڪارن مان هڪ آهي. هن چيو ته آمريڪا 20 سالن کان پاڪستان ۾ وڏو سيڙپڪار رهيو آهي، پاڪستان جي اقتصادي ڪاميابي ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، اسان پارٽنرشپ جاري رکڻ جا خواهشمند آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.