سياحت ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا آهن: صدر زرداري

اسلام آباد(بيورو+پ ر)اسلام آباد ۾ صدر آصف علي زرداري سان ايئر ايشيا ايوي ايشن گروپ جي وفد ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ صدر آصف  علي زرداري ٻين ملڪن سان پاڪستان جي هوائي رابطن کي ھٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.ملاقات جي موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته عوامي رابطن کي وڌائي پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ موجود صلاحيت مان  ڀرپور فائدو ماڻي سگهجي ٿو.هن چيو ته پاڪستان هڪ وڏي مارڪيٽ آهي، هتي سياحت خاص ڪري مذهبي سياحت،  جا وسيع موقعا موجود آهن،  پاڪستاني اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن.صدر آصف علي زرداري چيو ته سيڙپڪار پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو وٺن.وفد صدر آصف علي زرداري  کي ايئر ايشيا ايوي ايشن گروپ ۽ ان جي فلائيٽ آپريشن بابت آگاهه ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.