ايراني صدر جي قائداعظم جي مزار تي حاضري

ڪراچي (رپورٽر ) ايراني صدر ابراهيم رئيسي  ڪالهه منجهند جو ڪراچي پهتو ،  قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري جتي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه سندس پاران سندس جو پرجوش استقبال  ڪيو ويو. ايراني صدر ايئرپورٽ پهتو جتي آصفه ڀٽو، صوبائي وزير عذرا پيچوهو، شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، سردار شاهه پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ايراني صدر اتان گورنر هائوس پتو، جتان  قائد اعظم جي مقبري تي ويو ، هن مزار تي چادر چاڙهي ۽ ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا، بعد ۾ اسلامي جمهوريه ايران جو صدر ابراهيم رئيسي وزيراعليٰ هائوس پهتو، جتي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جي گورنر محمد ڪامران ٽيسوري ۽ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ڄام خان شورو ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي. ڪراچي ( رپورٽر ) اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ابراهيم رئيسي کي ڪراچي ۾سنڌ جو گورنر پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري  پيش ڪئي ، ايران جو صدر ابراھيم رئيسي ڪراچي ۾ ترسڻ بعد اڄ (اربع) ڏھاڙي صبح جو روانو ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.