عوام کي ٽيڪس ڏيڻا پوندا، آءِ ايم ايف جو ڊگهي مدي وارو پروگرام وٺڻو پوندو: محمد اورنگزيب

اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڊگهي مدي وارو پروگرام ضروري آهي، ڇو ته قرضن لاءِ آءِ ايم ايف ئي آخري رستو آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي  واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلند  سطح تي آهي ۽ زرعي شعبي ۾ به 5 سيڪڙو واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ ذخيرا جون تائين 10 ارب ڊالرن تائين پهچي ويندا. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڊگهي مدي وارو پروگرام ضروري آهي ڇو ته آءِ ايم ايف ئي قرضن جو آخري رستو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومتي قدمن سبب ٽئڪس وصولي ۾ اضافو ٿيو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو آهي، پاليسي ريٽ برقرار رکيو ويو آهي، مالي سال 2024ع ۾ جي ڊي پي ۾ واڌ جو امڪان آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ مالياتي خسارو مناسب حدن ۾ رهندو. محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. توانائي جي شعبي ۾ سڌارا ۽ خساري ۾ هلندڙ ادارن جي نجڪاري ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.