حيدرآباد: ذهني معذور نياڻي سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ عيد جي ڏهاڙي خرچي ڏيڻ جي بهاني سان ذهني طور ڪمزور نياڻي کي هڪ گهر ۾ آڻي جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪرڻ جي ويڊيو وائرل ٿيڻ ۽ نياڻي جي امڙ جي فرياد تي ايف آئي آر داخل ٿيڻ بعد پوليس ايف آئي آر ۾ نامزد 2 جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن، جيڪي ٻن ڏينهن جي جسماني رماند تي پوليس حوالي ٿي ويا، جڏهن ته عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي حيدرآباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. 10 اپريل عيد جي ڏينهن تي بلديا ٿاڻي جي حد گهمن آباد واري علائقي ۾ ذهني طور معذور نياڻي 14 ورهين جي “م ل” سان ٻن جوابدارن پاران جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪرڻ وارو واقعو پيش آيو هو، جنهن جو ڪيس نياڻي جي امڙ بيواهه ر بي بي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، جنھن ۾ نائزد ٻن جوابدارن نديم بلوچ ۽ شاهد بلوچ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب جوابدارن شروعاتي جاچ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته هو متاثر نياڻي کي اڳ ئي سڃاڻندا هئا، ان ڪري نياڻي جي ذهني ڪمزوري جو فائدو وٺندي نياڻي کي عيد جي خرچي ڏيڻ جي لالچ ڏئي پاڻ سان گڏ گهر وٺي وياسين، جتي اسان زبردستي نياڻي سان جنسي زديادتي جي ڪوشش ڪئي. جڏھن ته  پوليس متاثر نياڻي جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو آهي، ڪالهه پوليس ٻنهي جوابدارن شاهد بلوچ ۽ نديم بلوچ کي گرفتار ڪري جسماني رمانڊ حاصل ڪرڻ جي لاءِ مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جوابدارن کي بلديا ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ٻنهي جوابدارن خلاف نياڻي جي بيواهه امڙ مسمات ر بي بي داخل ڪرايل ايف آئي آر ۾ ڄاڻايو آهي ته سندس نياڻي ذهني طور تي ڪمزور آهي، جيڪا 10 اپريل تي دڪان تان شي وٺڻ جي لاءِ نڪتي هئي، جنهن کي گلي ۾ ويٺل شاهد بلوچ ۽ نديم بلوچ عيد جي خرچي ڏيڻ جي بهاني پنهنجي گهر وٺي ويا ۽ شاهد بلوچ جي گهر ۾ نياڻي سان جنسي زيادتي ڪئي وئي، جنهن جي خبر پاڙي ۾ پکڙجي وئي ۽ مون کي به ان بابت اطلاع مليو، منهنجي سئوٽ غلام نبي نياڻي کان جوابدارن جي گهر جي پڇا ڪئي ۽ نياڻي جوابدار شاهد جو گهر ڏيکاريو. نياڻي جي امڙ سندس نياڻي سان جنسي زيادتي ٿيڻ ڄاڻايو آهي, پر ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کانپوءِ ان جي تصديق ٿي سگهندي. ٻئي پاسي عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي وزير شاهينا شر پاران واقعي جو نوٽيس ورتو ويو آهي، صوبائي وزير ايس ايس پي حيدرآباد امجد احمد شيخ سان رابطو ڪري واقعي جا تفصيل ورتا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.