موٽروي اهلڪار مٿان گاڏي چاڙهيندڙ عورت ٽي وي اينڪر جي زال نڪتي

اسلام آباد (منصور علي خان): اسلام آباد ٽول پلازه وٽ موٽر وي تي پوليس اهلڪارن سان بدتميزي ڪري هڪ اهلڪار تي گاڏي چاڙهيندڙ عورت هڪ ٽي وي اينڪر جي گهرواري نڪتي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ عورت اهلڪارن سان منهن ماري کانپوءِ گاڏي آڏو بيٺل همراهه مٿان گاڏي چاڙهي فرار ٿي وئي. هن خلاف ايف آءِ آر ڪاٽي وئي آهي پر ذريعن موجب عورت ملڪ کان ٻاهر هلي وئي آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو هاڻوڪو نه پر جنوري جو واقعو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.