سنڌ ۾ احتجاج ڪرڻ ڏوهه قرار ڏنو پيو وڃي: جماعت اسلامي

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ طرفان سنڌ ۾ احتجاجن بعد روڊ رستا بند ڪرڻ تي پابندي، ڀڃڪڙي تي ڪيس داخل ڪرڻ واري آءِ جي سنڌ جي بيان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي ۽ بدترين آمريت قرار ڏنو آهي. جماعت اسلامي سنڌ جي وقتي امير ڪاشف سعيد شيخ آءِ جي سنڌ پوليس جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سنڌ پوليس ڌاڙيلن، ڏوهارين ۽ پوليس اسڪواڊ ۾ ڪچي جي ڌاڙيلن کي جديد اسلحو پهچائيندڙن جي رستا روڪ ڪرڻ بدران ظلم خلاف هوڪو ڏيندڙ مظلومن جو آواز بند ڪرڻ چاهين ٿا جيڪو قابل مذمت عمل آهي. پُرامن احتجاج هر شهري جو آئيني ۽ بنيادي حق آهي، جمهوريت جي دعويدار پ پ جي دور ۾ اهڙو اعلان پيپلزپارٽي جي قيادت جي فاشزم جو چٽو ثبوت آهي. جماعت اسلامي مظلومن سان گڏجي ظلم ۽ ظالمن خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. هن وڌيڪ چيو ته مظاهرن ۽ احتجاج کي عوام جي تڪليف جو سبب قرار ڏيندڙ آءِ جي سنڌ کي جيڪڏهن سنڌ جي امن بحال ڪرڻ تي ڌيان ڏئي ته عوام ھروڀرو ڇو احتجاج ڪندو، تازو ئي پاڙيسري ملڪ جي صدر جي ڪراچي آمد تي نه صرف شهر جا مُک روڊ رستا بند ڪيا ويا، پر هڪ ڏينهن جي پڻ موڪل ڪري عام ماڻهن جي آمدرفت تي پابندي لڳائي وئي ڇا ان سان عوام کي تڪليف ڪونه پهتي هوندي ان جو عوام ڪنھن جي خلاف ڪيس داخل ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.