ٺٽي ۾ ايس ٽي پي جي زمينن تي قبضي خلاف ريلي، ڌرڻو

ٺٽو (رپورٽ: منصور جلالاڻي)سنڌ جي تاريخي ماڳن ڪينجھر ڍنڍ، ڀنڀور ۽ تاريخي قبرستان مڪلي جي زمينن تي غير قانوني طور تي  ٿيندڙ قبضن خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ناٿو بروھي، راجو قريشي، جميل سمون، حڪيم بروھي، شاھنواز خشڪ، سليم قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڌي سينٽر کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي ٺٽو ڪراچي قومي شاھراھ جو گشت ڪندي پريس ڪلب ٺٽي اڳيان پھتي، جتي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن کي تين وال ڪري رھي آھي، سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مُٺ تي ڌارين حوالي ڪيون پيون وڃن. ھنن چيو ته ڪينجھر ڍنڍ نه رڳو رامسر سائيٽ ۽ سينچري قرار ڏنل آھي پر ھزارين ماڻھن جي جياپي جو ذريعو پڻ آھي، جنھن جي 500 کان مٿي ايراضي تي قبضو ڪري اڏاوتون شروع ڪيون ويون آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته زمينن جي ٿيندڙ والار خلاف ڪارروائي ڪري تاريخي ۽ قديمي ماڳن کي محفوظ بڻايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.