ڪراچي ۾آن لائين ٽيڪسي ڊرائيور گهرو اڻبڻت تان خودڪشي ڪري ڇڏي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي شهر سي ويو ٻه دريا ڀرسان نوجوان آن لائين ٽيڪسي ڊرائيور گهر ۾ جهيڙي کان تنگ اچي سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو  ڪراچي جي علائقي سي ويو 2 دريا ويجهو خودڪشي ڪندڙ شهري 27 سالن جي طاهر محمود جي والد جو چوڻ آهي ته سندس پٽ طاهر محمود آن لائن ٽيڪسي هلائيندو هو. واضح رهي ته واقعو ڪالھه پيش آيو ريسڪيو ٽيم طاهر محمود جو لاش تلاش ڪري رهيون آهن.

  1. ٽئڪس ڪيسن ۾ دير جو نوٽيس، چيف ڪمشنر ان لينڊ ريونيو ۽ آفيسر معطل

اسلام آباد ( م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ٽئڪس ڪيسن ۾ ڄاڻي واڻي دير جو نوٽيس وٺندي اسلام آباد جي چيف ڪمشنر ان لينڊ ريونيو ۽ سمورن لاڳاپيل آفيسرن  کي معطل ڪري انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو.وزيراعظم شهباز شريف حڪومت سنڀالنيدي ئي ايف بي آر سڌارا فوري طور لاڳو ڪرڻ جا آرڊرز جاري ڪندي ذاتي طور ان عمل جي نگراني جو فيصلو ڪيو هو. ٽئڪس ٽربيونلز ۾ هن وقت حڪومت جا سوين ارب رپين جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، جڏهن ته وزيراعظم چيف جسٽس آف پاڪستان کان سمورا ڪيس جلد اڪلائڻ جي درخواست پڻ ڪئي هئي. اسلام آباد ۾ ايف بي آر جي وڪيل طرفان عدالت ۾ اهڙي ئي هڪ ڪيس جي تاريخ ۾ دير جي درخواست تي وزيرِاعظم نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کي فوري طور واقعي جي انڪوائري جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قومي ناڻي جا سوين ارب رپيا قانوني تڪرار جو شڪار آهن، ان حوالي سان ڪا به لاپرواهي ۽ ڪوتاهي قبول نه ڪندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.