ڪوڪ اسٽوڊيو 15 جو نئون گانو رليز ٿي ويو

ميوزيڪل ڪمپني ”ڪوڪ اسٽوڊيو“ سيزن 15 جو ٻيون گانو ”2 ايم اي“ رليز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي هينئر تائين 40 لک ڀيرا ڏٺو ويو آهي.
ڪوڪ اسٽوڊيو طرفان جاري ڪيل ٻئين گاني کي اسٽار شاهه ۽ ذيشان علي ڳايو آهي ۽ انهن ئي گاني جي شاعري پڻ لکي آهي، جڏهن ته سرفراز علي به شاعري ۾ سندن جو ساٿ ڏنو آهي.
پنجابي ٻولي جي مڪسچر گاني ”2 ايم اي“ ۾ ميوزڪ به فنڪارن اسٽار شاهه، ذيشان ۽ ذلفي جو ترتيب ڪيل آهي.
گاني کي 21 اپريل تي رليز ڪيو ويو ۽ اهو سيزن 15 جو ٻيون گانو آهي، انکان پهريان 15 اپريل تي سيزن جو پهريون گانو رليز ڪيو ويو هو.
ڪوڪ اسٽوڊيو 15 سيزن جي شروعات سنڌي گاني ”آئي آئي“ سان ڪئي وئي، جنهن کي نئين فنڪار نعمان علي راڄپر ماروي ۽ سائبان سان گڏجي ڳايو آهي.
سنڌي گاني کي 80 لک ڀيرا ڏٺو ويو آهي جڏهن ته سوشل ميڊيا تي به گهڻي ڀاڳي شيئر ڪيو پيو وڃي.
ڪوڪ اسٽوڊيو 15 ۾ مجموعي طور تي 11 گانا رليز ڪيا ويندا، سنڌي، پنجابي کانپوءِ پشتو، بلوچي ۽ سرائيڪي ۾ به گانا رليز ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.