6 ججن جي خط جي معاملي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فل ڪورٽ اجلاس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن طرفان ايگزيڪيوٽو جي عدليا جي معاملن ۾ مداخلت بابت خط تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فل ڪورٽ اجلاس ٿيو.
چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 8 جج فل ڪورٽ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.
سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکندڙ 6 جج به اجلا س ۾ شريڪ هئا، جن ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز اسحاق، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز شامل آهن.
اهڙي ريت خط تي صحيح نه ڪندڙ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب به اجلاس ۾ شريڪ هو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فل ڪورٽ اجلاس تقريبن اڍائي ڪلاڪ جاري رهڻ کانپوءِ ختم ٿيو.
سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن اڳ ئي پنهنجون تجويزون جمع ڪرائي ڇڏيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.