شاگردن سان جنسي لاڳاپا رکندڙ 25 ماسترياڻيون گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي تعليمي ادارن ۾ ماسترياڻين پاران ننڍي عمر جي شاگردن سان جنسي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي وڌندڙ واقعن خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي.

خابرو اداري ڊيلي ميل موجب گذريل 12 مهينن ۾ 16 رياستن مان 25 ماسترياڻين کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن تي الزام هو ته هنن شاگردن سان زيادتي ۽ بدفعلي ڪئي آهي.

2017 کان 2022 تائين جنسي هراساني ۽ بدفعلي جا 1895 واقعا ٿيا جن ۾ استادن خلاف ايڪشن ورتو ويو.

نيو جرسي سان واسطو رکندڙ جيسيڪا سواڪي کي پنهنجي شاگرد سان اعتراض جوڳي حالت ۾ سڳ سوڌو پڪڙيو ويو.

45 سالن جي ايرين وارڊ کي شاگرد سان اڻوڻندڙ حرڪتون ڪندي پڪڙيو ويو.

هاڻي انهن سڀني خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.