عدالت ۾ رڪارڊ پيش ڪرڻ آيل ايف آءِ اي آفيسر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف آءِ اي جي انسپيڪٽر کي طبعيت بگڙڻ تي اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف آءِ اي آفيسر جي اوچتو طبعيت بگڙي وئي، ايف آءِ اي انسپيڪٽر عمران کي اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.
پوليس اختيارين موجب انسپيڪٽر عمران جسٽس طارق محمود جهانگيري جي عدالت ۾ هو ته کيس دل جو دورو پيو، کيس پولي ڪلينڪ اسپتال نيو ويو، جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو.
انسپيڪٽر عمران ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل ۾ ايس ايڇ او طور مقرر هو، جيڪو عدالت ۾ رڪارڊ پيش ڪرڻ آيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.