مودي تي چونڊ مهم ۾ مسلمانن کي ٽارگيٽ ڪرڻ جا الزام

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مخالف ڌر واري جماعت ڪانگريس اليڪشن ڪميشن ۾ شڪايت داخل ڪرائي آهي ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي پنهنجي چونڊ مهم ۾ مسلمانن کي نشانو بڻائي رهيو آهي.
اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ٿيل شڪايت ۾ ڪانگريس پارٽي جو چوڻ هو ته نفرت ۽ اعتراض جوڳن بيانن سان هڪ خاص مذهبي برادري کي نشانو بڻائي چونڊ مهم جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.
شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته اهڙا بيان ڀارتي تاريخ ۾ عهدي تي موجود ڪنهن به وزيراعظم طرفان ڳالهايل لفظن کان وڌيڪ تڪراري آهن.
ڪانگريس پارٽي جي ترجمان اڀي شيڪ مانو سنگهوي اميد ظاهر ڪئي آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان اهڙي عمل تي ڀارتي وزير اعظم خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.