ورهاڱو نه ٿئي ها ته درفشان اسان جي ملڪ جي به هجي ها: ڀارتي مداح ڏُکارا

اداڪاري ۽ خوبصورتي سبب پاڪستان سميت ڀارت ۾ به مقبوليت حاصل ڪندڙ درفشان سليم تازو پنهنجون نيون تصويرون شيئر ڪيون ته ڀارتي مداحن کي ورهاڱي جي تڪليف ياد اچي وئي.
اداڪارا تازو انسٽاگرام تي تصويرون شيئر ڪيون، جنهن تي پاڪستان سميت ڀارت مان مداحن ڪمينٽ ڪندي درفشان جي خوبصورتي جي تعريف ڪئي.
اداڪارا جي تصويرن تي ڀارتي مداحن ڪمينٽ ڪندي لکيو ته ڪاش ننڍي کنڊ جو ورهاڱو نه ٿئي ها ۽ پاڪستان ۽ ڀارت هڪ ئي ملڪ هجن ها ته درفشان سليم به اسان جي ملڪ جي هجي ها.
ڀارتي مداحن ڪمينٽ ڪيا ته درفشان کي ڏسي احساس ٿئي ٿو ته ورهاڱي جو سڀ کان وڌيڪ نقصان ڀارتين کي ئي ٿيو آهي.
ڪجهه واهپيدارن لکيو ته ورهاڱي ۾ گهڻو ڪجهه وڃائي ڇڏيوسين، جنهن جي سدائين تڪليف رهندي.
ڀارتي مداحن جي ڪمينٽن تي پاڪستانين به جواب ڏنا ۽ چيو ته اسان به گهڻو ڪجهه وڃايو ۽ اسان جي پسند جون شخصيتون ڀارت ۾ موجود آهن.
ڪجهه پاڪستاني واهپيدارن وڏي دل جو مظاهرو ڪندي درفشان جي ڀارتي مداحن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني پر گڏوگڏ خبردار به ڪيو ته هتي اچي ڪو ڏڦيڙ نه ڪجو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.